ڇاڻm VBb L V FfAaS H 06LSs QqTCcSs Pyv dEe Ee Vv7csl M
ڇاڻ:
نالا: ع. نخاله، ف. سبوس، هه. وغيره___ بهوسا، چوگه ر، سناف ۽ طرفا بارا. اٽي کي ڇاڻي جيڪي تـُـههَ ڪڍبا آهن جن کي ڇاڻ چئبو آهي .
طب[سنواريو]
اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: جگر کي، ميل: نشاستو، عيوض: جـَـوَن جو اٽو. خاصيت: هن کي ڪوسو ڪري سوڄ ۽ سور وارين جاين تي ٽاڪور ڪبي آهي. هنن جي رٻ رڌي کارائجي ته سيني جي سور کي فائدو ڪندي ۽ ٻوري کي نرم ڪري ٻاهر ڪڍندي، اها رٻ کنگهه ۽ ڪچي بلغم کي پچائي ڪڍڻ لاءِ، وائي باديءَ وڃائڻ لاءِ مفيد آهي. هن کي لوڻ ۽ ترن جي تيل ۾ رڌي لپري ڪري سنڌن جي سور، پاسي جي سور تي ٽاڪور ڪجي ۽ لپري ٻڌجي ته فائدو ٿيندو.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو